سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني

سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني

سيد حافظ شاهه حافظ حسيني

سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني: سيد حافظ شاهه حسيني ولد سيد الهه بخش شاهه حسيني 22 فيبروري 1923ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس تخلص ’حافظ‘ هو. سندس تعليم ۽ تربيت پنهنجي گهر کان شروع ٿي. مشهور شاعر حافظ ’دلگير‘ وٽ ٻه سال ديني تعليم حاصل ڪيائين. چئن درجن کانپوءِ حيدرآباد اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1951ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ ايل ايل بي پاس ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پاڻ وڪالت سان گڏ علم، ادب ۽ شـعـر ۽ شـاعريءَ سان به وابسته رهيو. ان سلسلي ۾ اداره سـنڌي ادب ٽنڊو محمد خان سندس سرپرستيءَ ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب ڇپايا.
حافظ شاهه جا ترجمو ڪيل ڪتاب ’تباهي‘، ’آئين زندگي‘ ۽ ’داستانِ غم‘ به ان اداري جا شايع ڪيل آهن.
حافظ شاهه ڪامياب وڪيل، سٺو نثرنگار ۽ بهترين شاعر هو. سندس شاعريءَ فني لحاظ کان تعريف لائق آهي. صحافتي ادب ۾ سندس ايڊٽ ڪيل رسالو ’لطف‘ به هڪ عمدو يادگار آهي. شاهه صاحب ڪيترن اهم ادارن جو قانوني مشير به رهندو آيو.
10 مئي 1974ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.02.22  عيسوي

سيد حافظ شاهه حسيني ولد سيد الهه بخش شاهه حسيني 22 فيبروري 1923ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو.


1974.05.10  عيسوي

سيد حافظ شاهه ’حافظ‘ حسيني 10 مئي 1974ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد شيخ
پرسرام مشتري ڀاٽيا
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بلبل کورواهي
چڱو جت
آتش سنڌي
الهنواز نواز رُڪڻائي
عـزيـزالله مجروح
آزاد بخاري
ارشاد ڪاظمي ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون